الله جي ياد کان غفلت جو نقصان
الله رب العالمين جو فرمان آھي:
وَ مَنْ اَعْرَضَ عَنْ ذِكْرِیْ فَاِنَّ لَهٗ مَعِیْشَةً ضَنْكًا وَّ نَحْشُرُهٗ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ اَعْمٰى.
جنهن، منهنجي ياد کان منهن مٽيو ته ان جي زندگي تنگيءَ ۾ گذرندي ۽ قيامت جي ڏينهن اسان ان کي انڌو ڪري اٿارينداسين.
(طه: 124)