عید جي نماز کان اڳ کائڻ پيئڻ

أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ لَا يَخْرُجُ يَوْمَ الْفِطْرِ حَتَّى يَأْكُلَ، وَكَانَ لَا يَأْكُلُ يَوْمَ النَّحْرِ حَتَّى يَرْجِعَ.
رسول الله ﷺ عيد الفطر جي ڏينهن ايسيتائين نماز لاء نه ويندا هئا جسيتائين ڪجھ کائي نه وٺندا هئا ۽ عيدالاضحى جي ڏينهن ڪجھ ڪو نه کائيندا هئا ايسيتائين جو عيد جي نماز نه پڙھي وٺندا هئا.(سنن ابن ماجه: 1756)