جيڪڏھن سحري ڪندي اذان اچي وڃي

رسول الله ﷺ فرمايو:
إِذَا سَمِعَ أَحَدُكُمُ النِّدَاءَ وَالْإِنَاءُ عَلَى يَدِهِ، ‏‏‏‏‏‏فَلَا يَضَعْهُ حَتَّى يَقْضِيَ حَاجَتَهُ مِنْهُ.
جڏھن اوهان مان ڪو (فجر) جي اذان ٻڌي ۽ کاڌو هن جي هٿ ۾ هجي ته پنهنجي حاجت پوري ٿيڻ کانسواء ان کي نه ڇڏي.(سنن ابي داؤد : 2350 )
يعني جڏھن ماڻھو سحري ڪري رهيو هجي ۽ مٿان فجر جي اذان اچي وڃي ته جيڪو کاڌو سامهون هجي اهو کائي پورو ڪجي.