سلامتي ڪنهن لاء؟

الله رب العالمين جو فرمان آھي:
فَاْتِیٰهُ فَقُوْلَاۤ اِنَّا رَسُوْلَا رَبِّكَ فَاَرْسِلْ مَعَنَا بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ١ۙ۬ وَ لَا تُعَذِّبْهُمْ قَدْ جِئْنٰكَ بِاٰیَةٍ مِّنْ رَّبِّكَ وَ السَّلٰمُ عَلٰى مَنِ اتَّبَعَ الْهُدٰى.
توهان وٽس (بي ڌڙڪ) ٿي وڃو ۽ چئوس ته، اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيون تنهن ڪري بني اسرائيلن کي اسان سان گڏ (مصر مان نڪري وڃڻ جي) موڪل ڏي ۽ هنن تي سختيون نه ڪر. اسان تنهنجي پروردگار جي نشاني کڻي تو وٽ آيا آهيون، سلامتي هجي انهيءَ تي جيڪو سڌي واٽ وٺي.
(سورة طہ: 47)