عيد جي ڏينهن هڪ ٻئي سان ملندي ڇا چئجي

جناب جبیر بن نفیر رحمه الله فرمائي ٿو: رسول الله ﷺ جا صحابي عيد جي ڏينهن جڏھن ملندا هئا ته هڪ ٻئي کي چوندا هئا: تَقَبَّلَ اللهُ مِنَّا وَمِنۡكَ. الله اسان جون ۽ تنهنجيون نيڪيون قبول فرمائي.
(فتح الباري : 2/446)