قرآن مجيد جي تلاوت جي ڪري سڪون نازل ٿيڻ

براء بن عازب رضي الله عنه بيان ڪري ٿو ته: هڪ صحابي سورت ڪهف پڙھي رهيو هو ان جي ڀرسان هڪ گهوڙو ٻن رسين ۾ ٻڌل هو. انجي مٿان هڪ بادل آيو.جيڪو هيٺ کان هيٺ ٿيندو ويو. جنهن جي ڪري هن جو گهوڙو ٽھڻ لڳو. صبح جو هن رسول الله صلى الله عليه وسلم سان اها ڳالھ ڪئي ته پاڻ فرمايائون: اهو سڪون هو جيڪو قرآن مجيد جي تلاوت جي ڪري (تنهنجي مٿان) نازل ٿيو هو.
(صحيح بخاري: 3614 صحيح مسلم: 795)