مسجد اقصى ۾ نماز جو اجر

سيدناالله بن عمرو رضي الله عنه بيان ڪري ٿو:
نبي ﷺ جن فرمايو: جڏھن سليمان عليه السلام بيت المقدس جي تعمير مان فارغ ٿيو ته هن الله کان ٽي دعائون ڪيون. (1) اي الله منهنجا فيصلا تنهنجي فيصلن جي مطابق (صحيح) هجن (2) مون کي اهڙي حڪومت عطا فرما جيڪا مون کان پوء ڪنهن کي نه ملي. (3) جيڪو ماڻھو هن مسجد (الاقصى) ۾ صرف نماز پڙھڻ جي ارادي سان داخل ٿي ان کي گناهن کان ايئن پاڪ ڪر جيئن هو ماء جي پيٽ مان نڪرڻ مهل پاڪ هو. رسول الله ﷺ فرمايو: الله تعالى سليمان عليه السلام جون ٻه دعائون قبول ڪيون مونکي اميد آھي ٽين دعا به قبول ڪئي هوندي.
(سنن ابن ماجه: 1408)