نبي ﷺ جي منڊي

عَنِ ابْنِ عُمَرَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا، قَالَ : اتَّخَذَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَاتَمًا مِنْ وَرِقٍ ، وَكَانَ فِي يَدِهِ، ثُمَّ كَانَ بَعْدُ فِي يَدِ أَبِي بَكْرٍ، ثُمَّ كَانَ بَعْدُ فِي يَدِ عُمَرَ، ثُمَّ كَانَ بَعْدُ فِي يَدِ عُثْمَانَ، حَتَّى وَقَعَ بَعْدُ فِي بِئْرِ أَرِيسَ، نَقْشُهُ : مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ.

نبي ﷺ چانديءَ جي هڪ منڊي ٺهرائي جيڪا سندن هٿ ۾ پاتل هوندي هئي پوء ابوبڪر رضي الله عنه جي هٿ ۾ آئي، ان کان پوء عمر رضي الله عنه جي هٿ ۾ آئي، ان کان پوء عثمان رضي الله عنه جي هٿ ۾ آئي ۽ ان کان پوء اها اريس نالي کوه ۾ ڪري پئي، ان تي محمد رسول الله نقش ٿيل هو.
(صحيح بخاري: 5873)