نڇ ڏيڻ جا آداب
ابوهريرہ رضي الله عنه بيان ڪري ٿو:
كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا عَطَسَ وَضَعَ يَدَهُ، أَوْ ثَوْبَهُ عَلَى فِيهِ، وَخَفَضَ أَوْ غَضَّ بِهَا صَوْتَهُ.
رسول الله صلى الله عليه وسلم کي جڏھن نڇ ايندي هئي ته پاڻ پنهنجي وات تي هٿ ڏيندا هئا يا ڪپڙو ڏئــي ڇڏيندا هئا ۽ آواز گهٽ ڪندا هئا.
(سنن ابي داود: 5029)
