هيٺين حالتن ۾ روزو ڇڏي سگهجي ٿو پر بعد ۾ قضاء ڪندو.
1 بيماري. (البقرہ: 184)
2 سفر. (البقرہ:184 بخاري: 1943)
3 حمل . (ابوداود: 2408)
4 ٿڃ پيارڻ . (ابوداود: 2408)
5 حيض . (بخاري: 1953)
6 نفاس . (المغني: 397/4)
7 جهور پوڙھو جيڪو ڪمزوري سبب روزو نه رکي سگهي.
(البقرہ: 184 دار قطني:205/2)
اهڙو پوڙھو يا دائمي مريض مسڪين کي هر ڏينهن جي بدلي اڌ صاع (تقريبا سوا ڪلو گرام) کاڌو ڏيندو.