ٿانو ۾ ڦوڪ ڏيڻ منع آهي
سيدنا ابن عباس رضي الله عنهما کان روايت آھي:
نَهَى رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنْ يُتَنَفَّسَ فِي الْإِنَاءِ أَوْ يُنْفَخَ فِيه.
رسول الله صلى الله عليه وسلم (کائيندي يا پيئندي) ٿانو ۾ ساه کڻڻ يا ڦوڪ ڏيڻ کان منع ڪيو آھي.
(سنن ابي داود: 3728)