کاڌي مان عيب ڪڍڻ صحيح نه آھي

سيدنا ابوهريرہ رضي الله عنه فرمائي ٿو:

مَا عَابَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ طَعَامًا قَطُّ، إِنِ اشْتَهَاهُ أَكَلَهُ وَإِلَّا تَرَكَهُ.

نبي صلى الله عليه وسلم ڪڏھن به کاڌي مان عيب نه ڪڍيو جيڪڏھن پسند هوندو هو ته کائيندا هئا يا ڇڏي ڏيندا هئا.
(صحيح بخاري: 3563)