الله جي سڏ تي حاضري

مطر العراق رحمہ الله فرمائي ٿو:

ﺃﻣﺎ ﺇﻧﻬﻢ ﻗﺪ ﻛﺎﻧﻮا ﻳﺸﺘﺮﻭﻥ ﻭﻳﺒﻴﻌﻮﻥ، ﻭﻟﻜﻦ ﻛﺎﻥ ﺃﺣﺪﻫﻢ ﺇﺫا ﺳﻤﻊ اﻟﻨﺪاء، ﻭﻣﻴﺰاﻧﻪ ﻓﻲ ﻳﺪﻩ ﺧﻔﻀﻪ ﻭﺃﻗﺒﻞ ﺇﻟﻰ اﻟﺼﻼﺓ.

اهي ماڻهو يعني (سلف صالحين) خريد و فروخت ڪندا هئا، پر انهن مان جڏهن ڪو ماڻهو اذان جو آواز ٻڌندو هو ۽ ساھمي سندس هٿ ۾ هوندو هو، ته اهو ساھمي هيٺ رکي نماز ڏانهن هليو ايندو هو.

(تفسير ابن ابي حاتم: 2608/8)