اللہ کان سواء ڪير آھي؟

اللہ رب العالمين جو فرمان آھي:
قُلْ مَنْ یَّرْزُقُكُمْ مِّنَ السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ اَمَّنْ یَّمْلِكُ السَّمْعَ وَ الْاَبْصَارَ وَ مَنْ یُّخْرِجُ الْحَیَّ مِنَ الْمَیِّتِ وَ یُخْرِجُ الْمَیِّتَ مِنَ الْحَیِّ وَ مَنْ یُّدَبِّرُ الْاَمْرَ فَسَیَقُوْلُوْنَ اللّٰهُ١ۚ فَقُلْ اَفَلَا تَتَّقُوْنَ.
چؤ ته آسمان ۽ زمين مان اوهان کي ڪير ٿو روزي ڏئي؟ ڪنن ۽ اکين جو مالڪ ڪير آهي؟ ۽ جيئري کي مُئل مان ڪير ٿو ڪڍي؟ ۽ جيئري مان مُئل کي ڪير ٿو ڪڍي؟ ۽ ڪم جي تدبير ڪير ٿو ڪري؟ پوءِ ضرور چوندا ته : ”الله“. پوءِ چؤ ته ڇا پوءِ به نه ٿا ڊڄو.
(سورة یُوۡنُسَ آيت 31)