انبياء کان عھد
الله رب العالمين جو فرمان آهي:
وَ اِذْ اَخَذَ اللّٰهُ مِیْثَاقَ النَّبِیّٖنَ لَمَاۤ اٰتَیْتُكُمْ مِّنْ كِتٰبٍ وَّ حِكْمَةٍ ثُمَّ جَآءَكُمْ رَسُوْلٌ مُّصَدِّقٌ لِّمَا مَعَكُمْ لَتُؤْمِنُنَّ بِهٖ وَ لَتَنْصُرُنَّهٗ قَالَ ءَاَقْرَرْتُمْ وَ اَخَذْتُمْ عَلٰى ذٰلِكُمْ اِصْرِیْ قَالُوْۤا اَقْرَرْنَا قَالَ فَاشْهَدُوْا وَ اَنَا مَعَكُمْ مِّنَ الشّٰهِدِیْنَ.
۽ جڏهن الله سڀ نبين کان پختو عهد ورتو ته: ”جڏهن آءُ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڏيان پوءِ اوهان وٽ اهو رسول اچي جيڪو جي تصديق ڪندڙ هجي جيڪي اوهان وٽ هجن. ته توهان ضرور ان تي ايمان آڻيندؤ ۽ ضرور ان جي مدد ڪندؤ“. فرمايائين: ”ڇا اوهان ان جو اقرار ڪيو؟ ۽ اوهان ان تي منهنجي ڳري عهد جو بار کنيو“؟ سڀني چيو: ”اسان اقرار ڪيو“. فرمايائين: ”ته پوءِ اوهان شاهد ٿيو ۽ آءٌ به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان.
(آل عمران: 81)