آيت الڪرسي جي برڪت
سيدنا ابوھريرہ رضي الله عنہ کي شيطان ھڪڙي ڳالھ ٻڌائي جنھن جي رسول الله ﷺ تصديق ڪئي: (اھا ڳالھ ھي آھي تہ ):
إِذَا أَوَيْتَ إِلَى فِرَاشِكَ فَاقْرَأْ آيَةَ الْكُرْسِيِّ مِنْ أَوَّلِهَا حَتَّى تَخْتِمَ : { اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومُ }، وَقَالَ لِي : لَنْ يَزَالَ عَلَيْكَ مِنَ اللَّهِ حَافِظٌ، وَلَا يَقْرَبَكَ شَيْطَانٌ حَتَّى تُصْبِحَ.
“جڏهن تون پنهنجي بستري تي سمهڻ لاءِ وڃين ته شروع کان آخر تائين آيت الڪرسي پڙھ: الله جي طرفان تو تي هڪ نگهبان مقرر رهندو، ۽ صبح ٿيڻ تائين ڪو به شيطان تنهنجي ويجهو نه ايندو.”
(صحيح بخاري: 2311)