بدعتين جو مثال
امام بربهاري رحمه الله فرمائي ٿو:
«مِثْلُ أَصْحَابِ البِدَعِ مِثْلُ العَقَارِب، يَدْفِنُوْنَ رُءُوْسَهُمْ وأَبْدَانَهُمْ في التُّرَابِ، ويُخْرِجُوْنَ أَذْنَابَهُمْ، فَإِذَا تَمَكَّنُوا لَدَغُوا، وكَذلِكَ أَهْلُ البِدَعِ، هُمْ مُخْتَفُوْنَ بَيْنَ النَّاسِ. فَإِذَا تَمَكَّنُوا بَلَغُوا مَا يُرِيْدُوْنَ.».
بدعتين جو مثال وڇون جهڙو آھي وڇون پنهنجو جسم ۽ مٿو مٽي ۾ لڪائي ڇڏين ٿا ۽ پڇ ٻاهر ڪڍي ڇڏين ٿا کين جيئن موقعو ملي ٿو ڏنگي وجهن ٿا ،بدعتي به ماڻھن جي وچ ۾ لڪل رهن ٿا جيئن کين موقعو ملي ٿو پنهنجو مقصد پورو ڪري وٺن ٿا (يعني گمراهي جي دعوت ڏين ٿا).[طبقات الحنابلة لابن أبي يعلى 3/ 77]