فوت ٿيل طرفان حج

أَنَّ امْرَأَةً مِنْ جُهَيْنَةَ جَاءَتْ إِلَى النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، فَقَالَتْ: إِنَّ أُمِّي نَذَرَتْ أَنْ تَحُجَّ فَلَمْ تَحُجَّ حَتَّى مَاتَتْ، أَفَأَحُجُّ عَنْهَا؟ قَالَ: “نَعَمْ، حُجِّي عَنْهَا، أَرَأَيْتِ لَوْ كَانَ عَلَى أُمِّكِ دَيْنٌ أَكُنْتِ قَاضِيَةً؟ اقْضُوا اللَّهَ؛ فَاللَّهُ أَحَقُّ بِالْوَفَاءِ”.

جھينہ قبيلي جي هڪ عورت رسول اللہ ﷺ وٽ آئي ۽ عرض ڪيائين: منهنجي ماءُ نذر مڃي هئي ته هوءَ حج ڪندي، پر حج ڪرڻ کان اڳ وفات ڪري وئي، ڇا مان سندس طرفان حج ڪريان؟ پاڻ ڪريمن فرمايو: ها، ان طرفان حج ڪر. ٻڌاءِ، جيڪڏهن تنهنجي ماءُ تي ڪو قرض هجي ها، ته تون اهو ادا نه ڪرين ها؟ الله جو حق وڌيڪ لائق آهي ته ان کي پورو ڪيو وڃي. (صحيح بخاري: 1852)