اعتڪاف ڪرڻ وارو اعتڪاف واري جاء ۾ ڪڏھن داخل ٿئي؟
اعتڪاف ڪرڻ وارو 20 رمضان جي شام جو مسجد پهچي وڃي اڳين ڏينهن فجر جي نماز پڙھي اعتڪاف واري جاء ۾ داخل ٿي وڃي. عائشه رضي الله عنها فرمائي ٿي: رسول الله صلي الله عليه وسلم جڏھن اعتڪاف جو ارادو ڪندا هئا ته فجر جي نماز پڙھي اعتڪاف واري جاء ۾ داخل ٿي ويندا هئا.
(صحيح مسلم: 1173)