جنھن کي قرباني جي طاقت ناھي

فَقَالَ الرَّجُلُ : أَرَأَيْتَ إِنْ لَمْ أَجِدْ إِلَّا مَنِيحَةَ ابْنِي، أَفَأُضَحِّي بِهَا ؟ قَالَ : ” لَا، وَلَكِنْ تَأْخُذُ مِنْ شَعْرِكَ، وَتُقَلِّمُ أَظْفَارَكَ، وَتَقُصُّ شَارِبَكَ، وَتَحْلِقُ عَانَتَكَ، فَذَلِكَ تَمَامُ أُضْحِيَّتِكَ عِنْدَ اللَّهِ “. ھڪڙي ماڻھو (رسول الله ﷺ کي) عرض ڪيو: جيڪڏهن مون وٽ پنهنجي پٽ

جي کير واري جانور (جنھن مان منھنجو ٻار کير پيئي ٿو) انکان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي، ته ڇا مان ان جي قرباني ڪريان؟ پاڻ ڪريمن فرمايو: نه، (تون بس ذوالحج جي چنڊ بيھڻ کان اڳ) پنهنجا وار ننھن مُڇون ڪٽي ڇڏ ۽ زير ناف وارن کي صاف ڪري ڇڏ، اھا الله وٽ تنهنجي لاء ڪامل قرباني لکي ويندي.
(مسند احمد: 6575)