جورابن تي مسح

عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ قَالَ : تَوَضَّأَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، وَمَسَحَ عَلَى الْجَوْرَبَيْنِ .

مغيرہ بن شعبه رضي الله عنه بيان ڪري ٿو ته رسول الله صلی الله عليه وسلم وضو ڪيو ۽ (پوء) جورابن تي مسح ڪيائون.
(سنن ترمذي: 99)
وضو ڪري جوراب پائڻ کان پوء مقيم هڪ ڏينهن هڪ رات ۽ مسافر ٽي ڏينهن ٽن راتين تائين جورابن تي مسح ڪري سگهي ٿو.