ڪتابن سان محبت
ﻗﻴﻞ ﻻﺑﻦ اﻟﻤﺒﺎﺭﻙ: ﺇﺫا ﺃﻧﺖ ﺻﻠﻴﺖ ﻟﻢ ﻻ ﺗﺠﻠﺲ ﻣﻌﻨﺎ? ﻗﺎﻝ: ﺃﺟﻠﺲ ﻣﻊ اﻟﺼﺤﺎﺑﺔ ﻭاﻟﺘﺎﺑﻌﻴﻦ، ﺃﻧﻈﺮ ﻓﻲ ﻛﺘﺒﻬﻢ ﻭﺁﺛﺎﺭﻫﻢ، ﻓﻤﺎ ﺃﺻﻨﻊ ﻣﻌﻜﻢ ﺃﻧﺘﻢ ﺗﻐﺘﺎﺑﻮﻥ اﻟﻨﺎﺱ.
ابنِ مبارڪ رحمہ اللہ کان پڇيو ويو:”جڏهن اوهان نماز پڙهي وٺو ٿا، پوءِ اسان سان گڏ ڇو نٿا ويهو؟“ فرمايائون: ”مان صحابه ۽ تابعين سان گڏ ويهان ٿو، انهن جي ڪتابن ۽ آثارن جو مطالعو ڪريان ٿو. مان اوهان سان گڏ ويهي ڇا ڪندس؟ اوهان ته ماڻهن جي غيبت ڪندا آهيو.“ (سير اعلام النبلاء:377/7)