موت برحق آھي
الله رب العالمين جو فرمان آهي:
كُلُّ نَفْسٍ ذَآىِٕقَةُ الْمَوْتِ وَ اِنَّمَا تُوَفَّوْنَ اُجُوْرَكُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ فَمَنْ زُحْزِحَ عَنِ النَّارِ وَ اُدْخِلَ الْجَنَّةَ فَقَدْ فَازَ وَ مَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاۤ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ.
هر ساه واري کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ بيشڪ قيامت واري ڏينهن اوهان کي پورا اجورا ڏنا ويندا. پوءِ جيڪو باهه کان بچائي جنت ۾ داخل ڪيو ويو ته اهو بلاشڪ ڪامياب ٿي ويو. ۽ دنيا جي زندگي ٻيو ڪجھه به ناهي سواءِ دوکي جي سامان جي.
(سورة آل عمران: 185)