مؤمن جو مؤمن ۾ حصو
يحيي بن معاذ رحمه الله فرمائي ٿو:
ﺣﻆ اﻟﻤﺆﻣﻦ ﻣﻨﻚ ﺛﻼﺛﺔ: ﺇﻥ ﻟﻢ ﺗﻨﻔﻌﻪ ﻓﻼ ﺗﻀﺮﻩ، ﻭﺇﻥ ﻟﻢ ﺗﻔﺮﺣﻪ ﻓﻼ ﺗﻐﻤﻪ، ﻭﺇﻥ ﻟﻢ ﺗﻤﺪﺣﻪ ﻓﻼ ﺗﺬﻣﻪ.
مؤمن جو تنهنجي طرفان حصو ٽي شيون آهن: جيڪڏهن تون کيس فائدو نه ڏئين ته نقصان به نه پهچاءِ، جيڪڏهن تون کيس خوش نه ڪرين ته ڏک به نه ڏي، ۽ جيڪڏهن تون سندس تعريف نه ڪرين ته گهٽ وڌ به نه ڳالهاءِ.
(جامع العلوم.والحکم: 283/2)