نيڪ ماڻھن جي صحبت

قِيلَ لِابْنِ المُبَارَكِ: إِذَا أَنْتَ صَلَّيْتَ لِمَ لَا تَجْلِسُ مَعَنَا؟ قَالَ: أَجْلِسُ مَعَ الصَّحَابَةِ وَالتَّابِعِينَ، أَنْظُرُ فِي كُتُبِهِمْ وَآثَارِهِمْ، فَمَا أَصْنَعُ مَعَكُمْ؟ أَنْتُمْ تَغْتَابُونَ النَّاسَ.

ابن مبارڪ رحمہ اللہ کان پڇيو ويو جڏهن اوهان نماز پڙهي ڇڏيو ٿا پوء اسان سان گڏجي ڇو نٿا ويهو؟ فرمايائون: مان صحابہ ۽ تابعين جي صحبت ۾ ويهندو آھيان، سندن ڪتابن ۽ آثارن کي ڏسندو آھيان، مان اوهان سان ڇا ڪريان؟ اوهان ته ماڻهن جي غيبت ڪريو ٿا.
(سیر اعلام النبلاء: 398/8)