قرباني ڪرڻ جي تاڪيد
“عَنْ مِخْنَفِ بْنِ سُلَيْمٍ رَضِيَ الله عَنْهُ قَالَ كُنَّا وُقُوفًا مَعَ النَّبِيِّ ﷺ بِعَرَفَاتٍ فَسَمِعْتُهُ يَقُولُ يَا أَيُّهَا النَّاسُ عَلَى كُلِّ أَهْلِ بَيْتٍ فِي كُلِّ عَامٍ أُضْحِيَّةٌ”.
مخنف بن سليم رضي الله عنه کان روايت آھي: اسان عرفات ۾ نبي ﷺ سان گڏ بيٺل هئاسين، تڏهن مون نبي ﷺ کي فرمائيندي ٻڌو: اي انسانؤ! هر سال هر گهر وارن تي قرباني آهي.
(سنن الترمذي:1518)