رسول الله ﷺ جو واضح اعلان

فرمان باري تعالى آهي:
قُلْ لَّاۤ اَقُوْلُ لَكُمْ عِنْدِیْ خَزَآىِٕنُ اللّٰهِ وَ لَاۤ اَعْلَمُ الْغَیْبَ وَ لَاۤ اَقُوْلُ لَكُمْ اِنِّیْ مَلَكٌ اِنْ اَتَّبِعُ اِلَّا مَا یُوْحٰۤى اِلَیَّ قُلْ هَلْ یَسْتَوِی الْاَعْمٰى وَ الْبَصِیْرُ اَفَلَا تَتَفَكَّرُوْنَ۠.
(کين) چئو ته آءُ اوهان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نڪي آءُ غیب ڄاڻان ٿو ۽ نڪي آءُ اوهان کي چوان ٿو ته آءُ ملائڪ آهيان. جيڪي مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو تنهن کانسواءِ ٻي شيءِ جي تابعداري نه ٿو ڪريان. چئو ته ڇا انڌو ۽ سڄو برابر ٿيندا؟ ڇا پوءِ فڪر نه ٿا ڪريو؟
(سورة الۡاَنۡعَامِ آيت 50)