روزو ۽ قرآن سفارش ڪندا.

رسول الله ﷺ فرمايو:
اﻟﺼﻴﺎﻡ ﻭاﻟﻘﺮﺁﻥ ﻳﺸﻔﻌﺎﻥ ﻟﻠﻌﺒﺪ ﻳﻮﻡ اﻟﻘﻴﺎﻣﺔ ﻳﻘﻮﻝ اﻟﺼﻴﺎﻡ: ﺃﻱ ﺭﺏ ﺇﻧﻲ ﻣﻨﻌﺘﻪ اﻟﻄﻌﺎﻡ ﻭاﻟﺸﻬﻮاﺕ ﺑﺎﻟﻨﻬﺎﺭ ﻓﺸﻔﻌﻨﻲ ﻓﻴﻪ ﻳﻘﻮﻝ اﻟﻘﺮﺁﻥ: ﺭﺏ ﻣﻨﻌﺘﻪ اﻟﻨﻮﻡ ﺑﺎﻟﻠﻴﻞ ﻓﺸﻔﻌﻨﻲ ﻓﻴﻪ ﻓﻳﺸﻔﻌﺎﻥ.
روزو ۽ قرآن قيامت جي ڏينهن ٻانهي لاءِ سفارش ڪندا. روزو چوندو: اي منهنجا رب! مون هن کي ڏينهن جو کاڌي ۽ خواهشن کان روڪيو هو، تنهن ڪري منهنجي هن جي حق ۾ سفارش قبول ڪر. ۽ قرآن چوندو: اي رب! مون هن کي رات جو ننڊ کان روڪيو هو، تنهن ڪري منهنجي هن جي حق ۾ سفارش قبول ڪر. پوءِ انهن ٻنهي جي سفارش قبول ڪئي ويندي۔(صحيح الجامع: 3882)