سلف صالحين جي عبادت
جو انداز

موسى بن اسماعيل تبوذڪي رحمه الله فرمائي ٿو:
ﻟﻮ ﻗﻠﺖ ﻟﻜﻢ: ﺇﻧﻲ ﻣﺎ ﺭﺃﻳﺖ ﺣﻤﺎﺩ ﺑﻦ ﺳﻠﻤﺔ ﺿﺎﺣﻜﺎ، ﻟﺼﺪﻗﺖ، ﻛﺎﻥ ﻣﺸﻐﻮﻻ، ﺇﻣﺎ ﺃﻥ ﻳﺤﺪﺙ، ﺃﻭ ﻳﻘﺮﺃ، ﺃﻭ ﻳﺴﺒﺢ، ﺃﻭ ﻳﺼﻠﻲ، ﻗﺪ ﻗﺴﻢ اﻟﻨﻬﺎﺭ ﻋﻠﻰ ﺫﻟﻚ.
جيڪڏھن آئون هيئن چوان ته مون حماد بن سلمه رحمه الله کي ڪڏھن کلندي نه ڏٺو ته آئون پنهنجي ان ڳالھ ۾ سچو آھيان. پاڻ يا قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ ۾ يا حديث بيان ڪرڻ ۾ يا الله جي تسبيح ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هئا هن پنهنجي ڏينهن کي انهن ڪمن لاء تقسيم ڪري ڇڏيو هو.
(سير اعلام النبلاء: 108/7)