سيدنا ابوھريرہ رضي اللہ عنہ جو خوف الاھي

إﻥ ﺃﺑﺎ ﻫﺮﻳﺮﺓ، ﺑﻜﻰ ﻓﻲ ﻣﺮﺿﻪ، ﻓﻘﻴﻞ ﻟﻪ: ﻣﺎ ﻳﺒﻜﻴﻚ؟ ﻓﻘﺎﻝ: «ﺃﻣﺎ §ﺇﻧﻲ ﻻ ﺃﺑﻜﻲ ﻋﻠﻰ ﺩﻧﻴﺎﻛﻢ ﻫﺬﻩ، ﻭﻟﻜﻨﻲ ﺃﺑﻜﻲ ﻋﻠﻰ ﺑﻌﺪ ﺳﻔﺮﻱ، ﻭﻗﻠﺔ ﺯاﺩﻱ.
سيدنا ابوھريرہ رضي اللہ عنہ پنهنجي بيماريءَ دوران روئي پيا. کين چيو ويو: “توهان کي ڪھڙي ڳالھ روئاريو؟”
فرمايائون: “الله جو قسم! مان هن دنيا لاءِ نٿو روئان، پر مان پنهنجي ڊگهي سفر (آخرت جي سفر) ۽ پنهنجي ٿوري زادِ راه (نيڪين جي کوٽ) تي روئان ٿو.” (الزھد لاحمد: 38/2)