صحابہ ڪرام کي رمضان جي خوشي

جڏھن رمضان جو مھينو شروع ٿيندو ھو تہ سيدنا عمر رضي اللہ عنہ فرمائيندا ھئا:

مَرْحَبًا بِمُطَهِّرِنَا، فَرَمَضَانُ خَيْرٌ كُلَّهُ صِيَامُ نَهَارِهِ وَقِيَامُ لَيْلِهِ، وَالنَّفَقَةُ فِيهِ كَالنَّفَقَةِ فِي سَبِيلِ اللَّهِ.

ڀليڪار هجي اسان كي (گناھن کان) پاڪ ڪندڙ (مھيني) کي، رمضان سڄو خير ئي خير آهي ان جي ڏينهن جو روزو ۽ ان جي رات جو قيام ۽ ان ۾ خرچ ڪرڻ الله جي واٽ (جھاد) ۾ خرچ ڪرڻ برابر آهي۔

(تنبيه الغافلين للسمرقندي: 321/1)