شيطان جو سيدنا عمر رضي اللہ عنہ کان راہ فرار اختيار ڪرڻ
رسول الله ﷺ فرمايو:
يا ابن الخطاب، والذي نفسي بيده ما لقِيَك الشيطانُ سالكًا فجًّا قطُّ، إلا سلك فجًّا غيْر فجِّك.
اي عمر بن خطاب! ان ذات جو قسم، جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، جڏهن به شيطان توکي ڪنهن واٽ تي هلندي ڏسي ٿو ته هو تنهنجي واٽ ڇڏي ٻي واٽ وٺي ٿو. (صحيح بخاري: 3683)