شڪر ادا ڪرڻ جي فضيلت

رسول الله ﷺ فرمايو:

إِنَّ اللَّهَ لَيَرْضَى عَنِ الْعَبْدِ أَنْ يَأْكُلَ الْأَكْلَةَ فَيَحْمَدَهُ عَلَيْهَا، أَوْ يَشْرَبَ الشَّرْبَةَ فَيَحْمَدَهُ عَلَيْهَا .

بيشڪ الله ان ٻانهيءَ کان خوش ٿيندو آهي جڏهن هو ڪو لقمو کائي تہ ان تي الله جو شڪر ادا ڪري، يا ڪو ڍڪ پيئي ۽ ان تي به الله جو شڪر ڪري.
(صحيح مسلم: 2734)