تڪليفن تي اجر
رسول الله ﷺ فرمايو:
“مَا يُصِيبُ الْمُسْلِمَ مِنْ نَصَبٍ وَلَا وَصَبٍ، وَلَا هَمٍّ وَلَا حُزْنٍ، وَلَا أَذًى وَلَا غَمٍّ، حَتَّى الشَّوْكَةِ يُشَاكُهَا إِلَّا كَفَّرَ اللَّهُ بِهَا مِنْ خَطَايَاهُ”.مسلمان کي جيڪا به تڪليف ، بيماري، پريشاني، غم، نقصان يا اذيت پھچندي آھي، پوء ڀلي اھا ھڪ ڪنڊي چڀڻ جيتري ڇونہ ھجي، تہ الله تعالیٰ ان جي بدلي سندس گناھ مِٽائي ڇڏيندو آھي. (صحیح بخاری: 5642)