علماء جي عاجزي

عبداللہ بن زبر رحمہ اللہ فرمائي ٿو: كُنَّا نَجْلِسُ إِلَى مَكْحُولٍ، وَمَعَنَا سَعِيدُ بْنُ عَبْدِ الْعَزِيزِ، فَكَانَ يَسْقِي الْمَاءَ فِي مَجْلِسِ مَكْحُولٍ۔ اسان مڪحول رحمہ اللہ وٽ ويهندا هئاسين اسان سان سعيد بن عبدالعزيز (دمشق جو مفتي) به هوندو هو، هو مڪحول جي مجلس ۾ پاڻي پياريندو هو۔
(سير اعلام النبلاء: 33/8)