وضو کان پوء ٻہ رڪعتون

رسول الله ﷺ فرمايو:

مَنْ تَوَضَّأَ نَحْوَ وُضُوئِي هَذَا ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ لَا يُحَدِّثُ فِيهِمَا نَفْسَهُ، غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ.

جيڪو به منهنجي هن وضو وانگر وضو ڪري، پوءِ ٻه رڪعتون ادا ڪري ۽ انهن ۾ پنهنجي ذهن کي ڀٽڪڻ نه ڏئي، تہ ان جا گذريل گناه معاف ڪيا ويندا. (صحيح البخاري: 159)