وضو جي فضيلت
رسول الله ﷺ فرمايو:
إِذَا تَوَضَّأَ الْعَبْدُ الْمُؤْمِنُ فَتَمَضْمَضَ خَرَجَتِ الْخَطَايَا مِنْ فِيهِ، فَإِذَا اسْتَنْثَرَ خَرَجَتِ الْخَطَايَا مِنْ أَنْفِهِ، فَإِذَا غَسَلَ وَجْهَهُ خَرَجَتِ الْخَطَايَا مِنْ وَجْهِهِ، حَتَّى تَخْرُجَ مِنْ تَحْتِ أَشْفَارِ عَيْنَيْهِ، فَإِذَا غَسَلَ يَدَيْهِ خَرَجَتِ الْخَطَايَا مِنْ يَدَيْهِ، حَتَّى تَخْرُجَ مِنْ تَحْتِ أَظْفَارِ يَدَيْهِ، فَإِذَا مَسَحَ بِرَأْسِهِ خَرَجَتِ الْخَطَايَا مِنْ رَأْسِهِ، حَتَّى تَخْرُجَ مِنْ أُذُنَيْهِ، فَإِذَا غَسَلَ رِجْلَيْهِ خَرَجَتِ الْخَطَايَا مِنْ رِجْلَيْهِ، حَتَّى تَخْرُجَ مِنْ تَحْتِ أَظْفَارِ رِجْلَيْهِ .
جڏهن مؤمن ٻانهو وضو ڪري ٿو ۽ گرڙي ڪري ٿو ته سندس وات مان گناه نڪري وڃن ٿيا جڏهن نڪ ۾ پاڻي وجهي ٿو ته سندس نڪ مان گناه نڪري وڃن ٿا جڏهن منهن ڌوئي ٿو ته سندس چهري مان گناه نڪري وڃن ٿا ايتري قدر جو سندس اکين جي پَلڪن جي هيٺان کان به گناه نڪري وڃن ٿا جڏهن هٿ ڌوئي ٿو ته سندس هٿن مان گناه نڪري وڃن ٿا ايتري حد تائين جو ناخنن جي هيٺان کان به گناه نڪري وڃن ٿا جڏهن مٿي جو مسح ڪري ٿو ته سندس مٿي مان گناه نڪري وڃن ٿا ايتري قدر جو ڪنن مان به نڪري وڃن ٿا جڏهن پير ڌوئي ٿو ته سندس پيرن مان گناه نڪري وڃن ٿا ايتري حد تائين جو ناخنن جي هيٺان کان به گناه نڪري وڃن ٿا.
(سنن نسائي: 108)