زمين آسمان جو خالق ڪير؟
وَ لَىِٕنْ سَاَلْتَهُمْ مَّنْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ سَخَّرَ الشَّمْسَ وَ الْقَمَرَ لَیَقُوْلُنَّ اللّٰهُ فَاَنّٰى یُؤْفَكُوْنَ.
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن فرمان جو تابع ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته ”الله“، پوءِ ڪيئن الٽا ڦِرن ٿا. (العنڪبوت: 61)