زبان جي حفاظت
خارجہ بن مصعب رحمہ اللہ چوي ٿو:
صَحِبْتُ ابْنَ عَوْنٍ ثِنْتَيْ عَشْرَةَ سَنَةً فَمَا رَأَيْتُهُ تَكَلَّمَ بِكَلِمَةٍ كَتَبَهَا عَلَيْهِ الْكِرَامُ الْكَاتِبُونَ.
آئون ابن عون رحمہ اللہ سان ٻارنھن سال گڏ رھيو آھيان مون ڪڏهن به ھن کي ڪو اهڙو لفظ ڳالهائيندي نه ڏٺو، جيڪو (گناھ هئڻ ڪري) فرشتن لکيو ھجي. (الصمت وآداب اللسان: 310/1)