برسات ۾ وهنجڻ مسنون آھي
انس رضي الله عنه بيان ڪري ٿو:
اسان رسول الله ﷺسان گڏ ھئاسين انهي دوران اسان مٿان مينهن وسڻ لڳو ته پاڻ ڪريمن ﷺ پنهنجي جسم مبارڪ تان ڪپڙو هٽائي ڇڏيو، ايسيتائين جو سندن مٿان مينهن پوڻ لڳو. اسان پڇيو: اي الله جا رسول! اوهان ايئن ڇو ڪيو؟ ته فرمايائون: هي (مينهن) نئون نئون الله وٺان اچي رهيو آھي.
(صحيح مسلم: 2083)