سيدنا حسن رضي الله عنه جو جنازو

ثعلبه بن ابي مالڪ رحمه الله بيان ڪري ٿو: ﺷَﻬِﺪْﻧَﺎ اﻟْﺤَﺴَﻦَ ﺑْﻦَ ﻋَﻠِﻲٍّ ﻳَﻮْﻡَ ﻣَﺎﺕَ ﻭَﺩَﻓَّﻨَﺎﻩُ ﺑِﺎﻟْﺒَﻘِﻴﻊِ ﻭﻟﻮ ﻃﺮﺣﺖ ﺇِﺑْﺮَﺓٌ ﻣَﺎ ﻭَﻗَﻌَﺖْ ﺇِﻻَّ ﻋَﻠَﻰ ﺭَﺃْﺱِ ﺇِﻧْﺴَﺎﻥٍ۔ جڏھن حسن بن علي رضي الله عنه جي وفات ٿي ته اسان هن جي جنازي ۾ شريڪ ٿياسين اسان کين بقيع الغرقد ۾ دفن ڪيو سندن جنازي ۾ ايترا ماڻھو شريڪ هئا جو جيڪڏھن سوئي به اڇلجي ها ته اها ڪنهن ماڻهو جي مٿي تي ڪري ها. (مستدرک حاکم: 188/3)