توحيد پرستن تي هڪ تهمت

امام آلوسي رحمه الله چوي ٿو:
ﻭﻗﺪ ﻗﻠﺖ ﻳﻮﻣﺎ ﻟﺮﺟﻞ ﻳﺴﺘﻐﻴﺚ ﻓﻲ ﺷﺪﺓ ﺑﺒﻌﺾ اﻷﻣﻮاﺕ ﻭﻳﻨﺎﺩﻱ ﻳﺎ ﻓﻼﻥ ﺃﻏﺜﻨﻲ ﻓﻘﻠﺖ ﻟﻪ: ﻗﻞ ﻳﺎ اﻟﻠﻪ ﻓﻘﺪ ﻗﺎﻝ ﺳﺒﺤﺎﻧﻪ: ﻭﺇﺫا ﺳﺄﻟﻚ ﻋﺒﺎﺩﻱ ﻋﻨﻲ ﻓﺇﻧﻲ ﻗﺮﻳﺐ ﺃﺟﻴﺐ ﺩﻋﻮﺓ اﻟﺪاﻉ ﺇﺫا ﺩﻋﺎﻥ
[ اﻟﺒﻘﺮﺓ: 186] ﻓﻐﻀﺐ ﻭﺑﻠﻐﻨﻲ ﺃﻧﻪ ﻗﺎﻝ: ﻓﻼﻥ ﻣﻨﻜﺮ ﻋﻠﻰ اﻷﻭﻟﻴﺎء.
مون هڪڙي ماڻھو کي ڏٺو جيڪو ڪنهن تڪليف جي ڪري ڪنهن فوت ٿيل کي پڪاري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو: اي فلاڻان منهنجي مدد ڪر. مون هن کي چيو: الله کي سڏ هن قرآن مجيد ۾ فرمايو: بيشڪ آئون ويجهو آھيان سڏيندڙ جي سڏ جو جواب ڏيان ٿو. (البقره: 186) ان تي اهو همراه ڪاوڙجي پيو مون کي خبر پئي ته هو چوڻ لڳو: آلوسي اولياء جو منڪر آھي. (روح المعاني: 266/17)