توحيد

تون وهندڙ واھ ڦٽائي سگهين
تون مينهن وسائي قرب ڪرين

پنهنجي تي اچين جي باغن کي
ويران ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

ڪا دير نه آ ڪنهن نوڪر کي
زردان ڏئي سلطان ڪرين

سلطان جي سلطاني کي ڦري
دربان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

(جوھر بروھي )